اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کنڊ جي ايڪس مل قيمت مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويوآهي ته کنڊ جي ايڪس مل قيمت 72 رپيا 22 پيسا في ڪلو مقرر ڪجي ٿي، ايف بي آر اهڙو نوٽيفڪيشن سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي سيڪشن 2 جي ڪلاز 46 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي جاري ڪيو آهي.