ڏيئي(ن پ ا) ڏيئي لڳ سلطاني واھ مان نڪرندڙ کريڙي مائينر جي پوڇڙ جي آبادگارن مرتضا کوسو، محمد حسن کوسو، اڪبر دلواڻي، ارباب کوسو، عزيزالله لغاري ۽ ٻين اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو  ته کريڙي مائينر جي صفائي نه ٿيڻ سبب منڍ جي آبادگارن پاران ھنيل غير قانوني جھڳرن سبب پوڇڙ ۾ پاڻيءِ جي شديد کوٽ ٿي وئي آھي تنھنڪري شاخ جي کاٽي ڪرائي پوڇڙ ۾ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن وقت سر پوکي ٿي سگھي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.