ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) ڪجهه ماڻهن کي کاڏيءَ ۾ کڏ هوندي آهي، پر اها ڇو ٿيندي آهي؟ ان حوالي سان هڪ نئين تحقيق سامهون ائي آهي. سائسندانن موجب ڪجهه ماڻهن جي کاڏيءَ ۾ کڏ هجي ٿي، جن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿئي ٿو پر گھڻن ماڻهن کي اها کڏ ناهي هوندي، ان سائسندانن جو اهو به چوڻ آهي ته اهو ضروري ناهي ته اهو عمل والدين کان ٻارن ۾ ٿيندو هجي، مختلف جينز به ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ اهڙن ٻارن جي کاڏيءَ تي به کڏو ٿي ويندو آهي جن جا والدين ان کان بچيل هجن ٿا. ماهرن موجب اها کڏ ٻار کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ٺهڻ لڳندي آهي. ماءُ جي پيٽ ۾ اسان جو چهرو سڀ کان پهرين پاسن کان ٺندوآهي ۽ ڪيترن ئي هفتن تائين ٻئي حصا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهندا آه، جنهن کان پوءِ اهي پاڻ ۾ ملن ٿا. جڏهن هيٺين کاڏيءَ جا ٻئي پاسا ان عمل کي مڪمل ڪندا آهن ته ڪجهه ماڻهن جي کاڏيءَ وارا ٻئي حصا مڪمل طور پاڻ ۾ ملڻ ۾ ناڪام رهندا آهن ته ان سان کاڏيءَ ۾ کڏ ٿي پوندي آهي. ماهرن جي تحقيق ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته اهو کڏو بي ضرر هوندو آهي ۽ ڪنهن مرض سان ان جو ڪو تعلق ناهي هوندو. ان کي سرجري ذريعي به هٽائي سگھجي ٿو يا جنهن جي کاڏيءَ ۾ اها کڏ ناهي ان کي اهو ٺاهي به سگھجي ٿو