ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان نيو سبزي منڊي وٽ ٽرالر روڊ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل سوار مٿان چڙھي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 45 رهين جو نوجوان ڪريم بخش ولد مراد سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀيڻيوو گلشير سولنگي معجزاڻي طور محفوظ رهيو ۽ معمولي زخمي ٿيو. فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو. ٽرالر ڊرائيور حادثي واري جاء تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو باقي ٽرالر کي ڪاھي اچي ٿاڻي تي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي حادثي جو ڪوبه ڪيس وغيره وارثن پاران داخل نه آھي ڪرايو ويو.