ننگرپارڪر (ن پ ا) ٻانهن ٻيلي ۽ انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر(IUCN) پاران ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ شراڪتي منصوبي تحت، سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي مالي سهڪار سان  “ ڳجھه جو عالمي” ڏهاڙو ٻانهن ٻيلي آفيس ننگرپارڪر ۾ملهايو ويو، تقريب ۾ مختلف ڳوٺن جي عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي  عافيه سلام  چيو ته  ڳجهه  پکي اسان جي ماحولياتي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، هن وقت ڏکڻ ايشيا ۾ ڳجهون  90 سيڪڙو تائين اڻلڀ ٿي ويون آهن، جن کي بچائڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڳجهون ماحولياتي وايو منڊل کي صاف سٿرو رکڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي، ثقافتي ۽ سماجي طور تي به ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جڏهن ته تقريب کي  آءِ يو سي اين جي  ڪوآرڊينيٽر نويد علي سومرو، جاويد اختر سمون ۽ ڊاڪٽر اشوڪ بختاني پڻ خطاب ڪيو.