لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري پاڪستان جي رينڪنگ ۾ درجو بهتري آئي آهي. ٻه ڀيرا عالمي چيمپئن ويسٽ انڊيز جي ٽيم هوم گرائونڊ تي ڏکڻ آفريڪا جي مضبوط ٽيم کي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0_3 تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. شڪست سبب ڏکڻ آفريڪا ٽي درجا تنزلي بعد 7 هين پوزيشن تي هلي وئي جڏهن پاڪستان هڪ درجو بهتري سبب ڇهين پوزيشن تي اچي ويو. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جا پوائنٽس هڪجيترا 244 آهن، تنهن باوجود به ڏکڻ آفريڪا مسلسل شڪست سبب ستين پوزيشن تي بيٺل آهي جڏهن ته پاڪستان جي پوزيشن ڇهين آهي.