ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي ويجهو کڏهرو جو بمپر فصل مٺو گدرو تيار ٿي ويو، ڏيئي، غلام شاهه، کڏهرو، تلهار، ماتلي، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل گدرو لهڻ شروع ٿي ويو آهي، مارڪيٽ ۾ في پيتي 800 کان 1000 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳي، اگهه مناسب نه ملڻ ڪري آبادگار مايوس نظر اچڻ لڳا. کڏهرو ۾ گدري جي سيزن شروع ٿيڻ سان کڏهري شهر ۾ گدري جي مزدوري لاءِ ڪٽڪ لٿل آهن،  ويران بازارون مچي ويون، گدري جو فصل لهڻ وقت شهر  جون بازارون مچي وينديون آهن، گدري جي  ڀرائي، چونڊائي ۽ ٻين ڪمن لاءِ مختلف شهرن کان مزدورن جا ڪٽڪ پهتل آهن، ان سلسلي  ۾ آبادگارن جو  چوڻ آهي ته گدري  جي فصل لهڻ وقت شهر جي بازارن ۾ رونڪ نظر اچي رهي آهي، کڏهرو موري ۾ تنمون، گولڊن، ڌاريڌار، شگر فري، گڊاف، ٽيمٽو ۽ ٻيون جنسو ٿين ٿيون، جنهن مان سڀ کان مٺو گدرو گولڊن ٿئي ٿو. جڏهن ته سهڻو ۽ مارڪيٽ ۾ گهڻو وڪامدڙ گدرو به گولڊن ٿئي ٿو. آبادگارن اهو به چيو آهي ته پهرين جي ڀيٽ ۾ هن سال گدري جو فصل گهٽ لڳايو ويو آهي، گذريل ڪجهه سالن کان ڪافي نقصان ٿيڻ ڪري، آبادگارن چيو ته گدري جو فصل جيڪو نفعو آهي ته ان کان وڌيڪ نقصان جو خدشو به رهي ٿو.