ڏهرڪي ڀرسان قتل ٿيل عورت جو لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو

0
188

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي جي ڳوٺ دودو ڏهر ۾ زمين جي مالڪي تان قتل ٿي ويل عورت حميده ڏهر جي وارثن لاش کڻي ڏهرڪي ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو، گذريل ڏينهن ڏهر بردري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ حميده ڏهر قتل ٿي وئي هئي ۽ 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ڪري حميده جا وارث لاش کڻائي ڏهرڪي ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو، جتي خادم ڏهر، نهال ڏهر ۽ ٻين چيو ته پوليس هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن، جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.