ڏهرڪي لڳ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي زال قتل ڪري ڇڏي

0
20
ڏهرڪي لڳ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي زال قتل ڪري ڇڏي
ڏهرڪي لڳ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي زال قتل ڪري ڇڏي

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي لڳ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، خبر موجب ڳوٺ سائين ڏنو  شر ۾ جوابدار عاقب شر ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي زال نسيمه شر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش  ڏهرڪي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ڏهرڪي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي قتل جي جاچ ڪري رهيا آھيون، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناهن آيا

وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آھي ته ناري نسيمه کي پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيو ويو، جڏهن واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو