ڇاڇرو(ن پ ا) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ موسي جي ڍاڻي ۾ 13 ڏينهن اڳ  پراسرار نموني ريشمان زال عبدالرحمان راهمون جو لاش گهر ۾ هٿ اچڻ واري مامري ۾ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاڇرو پريس ڪلب اڳيان ناري جي ڀاءُ عثمان راهمون، يوسف راهمون، اسلام الدين، روشن، فقير معيار،حاجي قمرالدين راهمون جي اڳواڻيءَ ۾ راهمان برادري جي سوين ماڻهن شهر جي مين چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. عمرڪوٽ  روڊ تي 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي ۾ کيمي جو پار ٿاڻي جي ايس ايچ او علي حسن چانگ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نياڻي ريشمان راهمون کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو کيمي جو پار پوليس ٿاڻي تي ناري جي مڙس عبدالرحمان راهمون، اسماعيل، ڪمال ۽ رحمت الله راهمون سميت چار جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل  آهي. ڪيس ۾ گهربل جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، کيمي جو پار ٿاڻي جو ايس ايچ او جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پوليس جوابدارن کي بچائي نياڻي جو خون لوڙهي رهي آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کيمي جو پار کي هٽائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ڇاڇرو ماجد قائم خاني ۽ ايس ايچ او ڇاڇرو عزيز راهمون پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي يقين دهاني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.