بدين (رپورٽر) پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران سڄي سنڌ جي ڍنڍن ڍورن ۽ مٺي پاڻي تي قبضا ڪرڻ خلاف ڊي سي چوڪ کان ايوان صحافت بدين تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي پاڪستان فشر فوڪ فورم ضلع بدين جي صدر حاجي نبي بخش ملاح، سينئر نائب صدر عبدالرحيم جنڊاڻي، جنرل سيڪريٽري محمد عمر ملاح ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد قاسم ٻچو ڪئي. ريلي ۾ ڍنڍن تي قبضي خلاف ۽ روزگار جي بحالي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي 1209 مٺي پاڻي جي ڍنڍن تي ٺيڪيداري نظام جي خاتمي کانپوءِ مقامي بااثرن قبضا ڪرڻ جو سسلو شروع ڪري ڏنو آهي جيڪو اڃا تائين جاري آهي، هنن چيو ته سرڪاري مٺي پاڻي پيٽارو ڪاڪاهو واري تس ۽ ٻين ڍنڍن تي بااثرن نورمحمد هنڱورجو، اڪرم هنڱورجو، صلاح الدين هنڱورجو، عبدالله ۽ ٻين هٿنگو پوليس جي مدد سان قبضو ڪري مقامي مهاڻن کي مڇي مارڻ جي روزگار کان روڪي رهيا آهن، ماهيگرن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس مقامي مهاڻن جا ڄار کڻِي وئي آهي غريب مهاڻا فاقه ڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن، اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير، فشريز کاتي جي وزير، سيڪريٽري، ڊي جي فشريز حيدرآباد، ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز سانگهڙ، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪاڪاهو جي مقامي مهاڻن کي مڇي جو شڪار ڪرڻ کان روڪيندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪاڪاهو ايريا جون ڍنڍون فشريز ڊپارٽمينٽ سرڪاري پاڻي ۾ شامل آهن جن تان فوري طور تي بااثرن جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.