بوسٽن (دلچسپ نيوز) ڌاڳي جهڙي 140 ميٽر ڊگهي ۽ انوکي بيٽري تيار ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي ميساچيوسيٽس جي ماهرن انوکي بيٽري تيار ڪئي آهي، انوکي بيٽري ۾ 123 مي ايمپيئر آوربجلي جمع ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته ان کي 140 ميٽر تائين کولي سگهجي ٿو، بيٽري سان مختلف سينسر، ويئرايبلز، ڪمپيوٽر ۽ ٻيون شيون هلائي سگهجن ٿيون.