ڊگھڙي(ن پ ا) گذريل ڏينهن ڊگهڙي ڀرسان ميرواھ گورچاڻي روڊ تي ڪنگورو اسٽاپ ويجهو سوزوڪي پڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊگھڙي ويجهو ٻه لکي موري جي رهواسي زخمي ڊرائيور دلبر مگسي کي ڊگهڙي تعلقي اسپتال کان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو فوتي جو لاش گهر پهچڻ جي ڪهرام مچي ويو، حادثو صبح سوير ماڪ ۽ ڌنڌ هئڻ ڪري پيش آيو هو.