ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ شهر جي سولنگي پاڙي جي رهواسي زوهيب علي عرف تصور عباس سولنگي ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ تي ڀائرن سان ڪاوڙجي  پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو،  نوجوان جو لاش وارث ڊکڻ ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر بعد پوسٽ مارٽم لاءِ  مدئجي اسپتال کڻائي ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي نوجوان جي امڙ مسمات مومل خاتون ٻڌايو ته منهنجي پٽ پنهنجي ڀائرن کان ملڪيت جو حصو گهريو، جنهن تان ڪاوڙجي هن پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو.