لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي ڪمشنر طرفان ڊپٽي ڪمشنر جي درخواست تي ڪجهه ڏينهن اڳ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري حد جي ايس ايچ اوز کي ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو پر ان جي باوجود شهر اندر چئن ٿاڻن وليد سول لائن رحمتپور سچل  ٿاڻن جي حدن مان گذرندڙ رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪڙن جي ڪنهن به حصي تي ڪا به پوليس پڪٽ موجود ناهي ۽ نه ئي ڪنهن هنڌ تي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ڪري روزانو جي بنياد تي نوجوان وڏي انگ ۾ گرمي جي شدت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رائيس ڪئنال جو رخ ڪري وهنجندا رهن ٿا پر پوليس ڪاروائي لاءِ تيار ناهي.