دادو (رپورٽر) ڊي ايف سي دادو ۽ اٽي چڪي مالڪن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، دادو ضلعي جي ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو ۽ جوهي تعلقن ۾ اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ جي فراهمي شروع نه ٿي سگهي، فوڊ کاتي دادو پاران گذريل جمع ڏينهن ڊي ايف سي دادو دلشاد احمد ۽ اٽي چڪي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين دوران ڪڻڪ جي في ٻوري تي اڳواٽ 300 رپيا ڪميشن ڏيڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ فراهمي شروع ڪرڻ واري شرط تي اٽي چڪي مالڪن پاران انڪار ڪرڻ سبب فوڊ کاتي دادو پاران اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڊي ايف سي دادو ميٽنگ اڌ ۾ ڇڏي واپس هليو ويو ۽ سومر ڏينهن اٽي چڪي مالڪن سان ڊي ايف سي ٻيهر ڳالهيون ڪندو، اٽي چڪي ايسوسيئيشن جي صدر سڪندر لاکير، عرفان احمد شيخ، زاهد لاشاري ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هڪ طرف سنڌ حڪومت عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته ٻئي طرف دادو ضلعي جي 743 اٽي چڪي مالڪن کان ڪڻڪ جي في ٻوري تي 300 رپيا ڪميشن گهري پئي وڃي جيڪا نه ڏيڻ تي دادو جي اٽي چڪي مالڪن جي ڪڻڪ روڪي وئي آهي ، هنن ٻڌايو ته حيدرآباد ڊويزن جي حيدرآباد ، مٽياري ، ٺٽو ۾ فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي ، باقي دادو ضلعي ۾ ڪڻڪ جي فراهمي نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب 600 ، چڪيون مهيني کان بند پيل ۽ دادو ، جوهي ۽ ڪي اين شاھ ۾ وڌيڪ 30 ، چڪيون ڪالھ جمع ڏينهن کان بند ٿي ويون آهن ، باقي ضلعي ۾ صرف 113 ، اٽي چڪيون هلي رهيون آهن ، هنن مطالبو ڪيو آهي ، بنا ڪميشن وٺڻ جي دادو ضلعي جي اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ فراهمي شروع ڪئي وڃي ، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو سلسلو شروع ڪندا.