ڊي ايس پي پنو عاقل جا ايس ايس پي سکر تي سنگين الزام:رٽائرمينٽ جو اعلان: آپگهات جو چتاءُ

0
479
ڊي ايس پي پنو عاقل

سکر: ڊي ايس پي پنوعاقل سعيد شيخ ايس ايس پي سکر جي رويي  تي احتجاجن رٽائرميٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڊي ايس پي سعيد شيخ الزام هنيو ته ايس ايس پي سنگهار ملڪ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي منهنجي تذليل ڪئي

هن الزام هنيو ته ايس ايس پي سکر منهنجي آفيس کي تالا هڻايا ۽ وائرليس تي پيغام ڏنو ته مان ناراض آهيان، مون مٿان ڪرپشن جو ڪوبه الزام ناهي، خبر ناهي ته ايئن ڇو پيو ڪيو وڃي

ڊي ايس پي سعيد احمد شيخ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن آپگهات ڪيان ته  ايس ايس پي سکر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي

ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جو چون آهي ته ڊي ايس پي سعيد شيخ ڪرپشن، ڀتاخوري سميت ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث آهي، ڊي ايس پي خلاف جاچ لاءِ خط لکيو ويو آهي