ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) ڪيترن ئي سالن بعد مشهور اداڪار فهد مصطفيٰ ڊراما سيريل ”ڪڀي مين ڪڀي تم“ سان ٽيلي ويزن تي واپسي ڪري رهيو آهي، جيڪو جلد ئي نجي ٽي وي چينل تي برنس روڊ جي روميو جوليٽ جي جاءِ تي نشر ڪيو ويندو. ڊرامي ۾ ان جي مدمقابل هانيا عامر به ڪردار نڀائي رهي آهي، ان جي ڪهاڻي مشهور رائيٽر فرحت اشتياق لکي آهي، جڏهن ته هدايتڪار بدر محمود آهي. انهي ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ فهد مصطفيٰ ۽ هانيا عامر سميت بشريٰ انصاري، جاويد شيخ، عماد عرفاني، مايا خان، عيني زيدي ۽ توثيق حيدر به شامل آهن. انهي سيريل جو پهريون منظر، ٽيزر ۽ ٽريلر لانچ ڪيو ويو آهي، هانيا عامر ۽ فهد مصطفيٰ جا مداح ڊرامي جي ٽيزر کي گهڻو پسند ڪري رهيا آهن. ان باوجود ڪجهه ڏسندڙ ڊرامي جي جهلڪ مان بلڪل به متاثر نظر ناهن آيا، انهن موجب انهي ڊرامي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪا انوکي شيءَ ناهي. ڪجهه واهپيدارن سوشل ميڊيا تي انهي سيريل کي ڀارتي ۽ ڪورين ڊرامن جي ڪاپي به قرار ڏنو آهي، لکيو ويو ته فهد مصطفيٰ هانيا عامر کان وڏو لڳي رهيو آهي. هڪ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي انهي سيريل ۾ هانيا جي اداڪاري به پسند نه آئي، هن لکيو ته هانيا انهي ڊرامي ۾ پنهنجي اداڪاري کان ناراض آهي.