ڪراچي (شوبز نيوز)سنڌ جي ڪلچر ڏهاڙي تي ڊاڪٽر هُما مير سنڌ جو قومي خوشين وارو گيت ”هو جمالو“ پنهنجي آواز ۾ رليز ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان ناليواري اداڪارا ڪمپيئر ۽ ليکڪه ڊاڪٽر هُما مير سنڌ جو لوڪ گيت ”هو جمالو“ پنهنجي آواز ۾ رليز ڪيو آهي.ان بابت داڪٽر هُما مير جو چوڻ آهي ته مان هن لوڪ گيت محبتن سان ڳايو آهي، سنڌ جو اهو لوڪ گيت هو جمالو صدين کان ماڻهو ڳائيندا ۽ ان تي روايتي رقص ڪندا پيا اچن، اهو پهرين نوعيت جو پهريون گيت آهي جنهن تي دنيا جي 120 ماڻهو رقص ڪيو آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.هن چيو ته هو جمالو جي اردو شاعري مون پاڻ لکي آهي جڏهن ته موسيقار عقيل احمد انکي ريميڪ ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مونکي پاڪستان جي سڀني ٻولين سان گهڻو پيار آهي، اهي سڀ ٻوليون مٺيون آهن.