ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)  ڊالر ۾ لاٿ برقرار : اوپن مارڪيٽ ۾183.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 181.9 رپين تي پهتو : سون به 130000 رپيا في تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1200 رپيا لاٿ سان 131200 مان 130000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن  جي واڌ سان 1953 ڊالر في آئونس ٿي ويو، ٻئي طرف  چاندي 1480 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر  ڏيڍ رپيو لاٿ سان 183.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بينڪ  ۾ ڊالر هڪ رپيو 3 پئسا لاٿ سان  181.9 رپين تي پهتو، واضح رهي ته 3 ڪاروباري سيشنز ( ڏهاڙن ) ۾ ڊالر ۾ مجموعي طور تي 6.28 رپيا لاٿ آئي، 7 اپريل تي ڊالر جو اگهه 189.3 رپين تي پهتو هو ، ٻئي طرف پائونڊ  ساڍا 3 رپيا لاٿ سان 241.5 مان 238 رپيا ۽ يورو 3 رپيا لاٿ سان 198 تي پهتا