ڪراچي  (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۾ ٻيهر تيزي: 295 رپين تي پهتو: سون ۾ 2100 رپين جي لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي  جي صرافه بازار ۾ سون 2100 رپيا لاٿ سان 221300 مان 219200 رپيا  في  تولو  تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 2830 رپين تي برقرار  رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 294 مان 295 رپين تي پهتو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 18 پئسا واڌ سان 287.36 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف پائونڊ 3 رپيا لاٿ سان 371 مان 368 ۽ يورو وري  هڪ رپيو اضافي سان 317 مان 318  رپيا  تي پهتا هئا.