ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۽ سون 24 ڪلاڪن اندڙ ٻيهر مهانگا، ڊالر ۾ 4 ۽ سون ۾ 4000 رپيا اضافو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4000 رپيا واڌ سان 229000 مان233000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 8 ڊالرن جي اضافي سان  1975  ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 170 رپيا لاٿ سان 3300 مان 3130 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف  ڊالر 4 رپيا واڌ سان 298 مان 302 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 6 رپيا واڌ سان 374 مان 380 ۽ يورو ساڍا 4 رپيا اضافي سان 320.5 مان 325 رپين تي بند ٿيا