ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي بريڪ لڳي ويو : 8 رپيا لاٿ سان 224 رپين تي پهتو: سون 6200 رپيا سستو ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه  بازار ۾ سون  6200 رپيا لاٿ سان 146700 مان 140500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن جي واڌ سان 1733 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 60 رپيا گهٽتائي سان 1580 مان 1520رپين تي پهتي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 8 رپيا لاٿ سان 232 مان 224 ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.79 رپيا گهٽتائي سان  220.12 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته  پائونڊ 8 رپيا لاٿ سان 271 مان 263 ۽ يورو 7 رپيا گهٽتائي سان 231 مان 224 رپيا ٿي ويا، ٻئي طرف فاريڪس ايسوسيئشن موجب ڪالهه ڊالر 219 رپين ۾ به  وڪرو ٿيو