ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ٻيهر 179.5 رپين جو ٿي ويو: سون به 200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه  بازار ۾ سون 200 رپين جي واڌ سان 126100 مان 126300 رپيا في تولو  ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپين جي  اضافي سان 1460 مان 1470 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 35 پئسا واڌ سان 178.15 مان 179.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 85 پئسا لاٿ سان  241.35 مان 240.5 رپين تي پهتو، هوڏانهن يورو 75 پئسا گهٽتائي سان 201.75 مان 201 رپيا ٿي ويو.