ڇا رڳو ترقيون، مقرريون ۽ بدليون ئي سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن جا وڏا مسئلا آھن؟

0
177
ڇا رڳو ترقيون، مقرريون ۽ بدليون ئي سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن جا وڏا مسئلا آھن؟

 سنڌ جو تعليم کاتو سڀني شعبن کان وڌيڪ بجيٽ خرچيندڙ ۽  عملي جي لحاظ کان  سڀني کان وڏو شعبو آھي. پنهنجي وسعت ۽ بي ڊولائپ سبب ڪافي مسئلن جو شڪار هئڻ سبب اوتري ئي تنقيد جي نشاني تي به رهندو آيو آھي. بدانتظامي، رشوتخوري، پنهنجا نوازي، تنظيمن جو وڌندڙ اثر ۽ ڳالههه نه ڳالههه تي احتجاج ڪرڻ متعلق شڪايت به عام آھي. حڪومت جي حصي جي ڪمزورين ۽ غلطين کي قبول ڪندي اسان اڄوڪي ليک ۾ صرف ڪاليجي شعبي ۾  اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ائين ڇو آھي ته ڪجههه ڪاليجن ۾ پڙھائيندڙ پروفيسرن جو تعداد ضرورت کان به وڌيڪ يعني Excess  ۾ آھي ۽ ٻين هنڌن تي اهم ترين مضمون پڙھائيندڙ استاد به نه هئڻ  Acute Shortage)  برابر آھن.

                 هن ئي اخبار ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪل 343  ڪاليج آھن جن مان 150 صرف ڪراچي ۾، 68  حيدرآباد ۾، 41  لاڙڪاڻي ۾، 30 بينظيرآباد ۾ ۽ 24 ميرپور خاص ريجن ۾ آهن. جن ۾ ترتيبوار 2825، 1976، 1029، 597، 522 ۽ 281 استاد پڙھائين پيا. 134 بوائيز، 142 گرلس لاءِ ۽ 67 ڪاليج ڪو ايجوڪيشن فراهم ڪن ٿا. ڪل ملائي 476775 شاگرد  تعليم پرائي رهيا آھن. انهن ڪاليجن مان 195 ڪاليج گڏيل يا مڪس قسم جا، 91 خالص سائنس، 45 آرٽس ۽ ڪامرس، 4 انفارميشن ٽيڪنالوجي جا، 2 هوم اڪنامڪس جا ادارا آھن. 13 ڪيڊٽ ڪاليج ۽ 5 آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج پڻ ڪاليج کاتي جي زير انتظام هلن ٿا. اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي قائم آھي ته ڪاليج ننڍا وڏا هئڻ ڪري اتي موجود استادن ۽ شاگردن جو تعداد به گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو پر ٻھراڙي ۽ ننڍن شھرن کي نظر انداز ڪري شھرن جي وڏن ۽ نام ڪٺين ڪاليجن کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. موجوده تعداد مطابق سڄي صوبي جي سراسري ورڇ مطابق هر ڪاليج جي ڀاڱي ۾ 21 استاد اچن ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ تعداد جي مناسبت سان ڪراچي ريجن ۾ سراسري طرح ھر هڪ ڪاليج جي حصي ۾ 18 استاد، حيدرآباد ۾ 29 استاد، سکر ۾ 25 استاد، لاڙڪاڻي ۾ 19، شھيد بينظير آباد ۾ 17 ۽ غريب ميرپورخاص ريجن جي حصي ۾ 12  استاد في ڪاليج اچن ٿا. اهو ته ٿيو رياضياتي ليکو پر سر زمين تي صورتحال بنھه ڀيانڪ آھي. ڪجههه ڪاليجن ۾ ڪنهن مضمون جا ضرورت کان وڌيڪ پروفيسر موجود آھن ۽ ڪجههه ۾ وري لاڳاپيل سبجيڪٽ جو مورڳو هڪ به استاد ناهي. وري ڪٿي اهو قهر به موجود آھي ته خالص سائنس ڪاليج ۾ ڪو نج آرٽس يا ڪامرس جو پروفيسر به پوسٽ ٿيل هوندو. ان کي چئبو آھي ته ڪٿي ڍور سڃا ڪٿي چور سڃا. ائين ڇو آھي؟ ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ سرڪار کي، واسطيدار فرد کي يا تنظيمن کي!؟

ويجهڙائي ۾ ھرڪنهن کي مشاهدو ٿيو هوندو ته آءِ بي اي جي ٽيسٽ ذريعي اهل اميدوارن کي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي طور ساڳين تعلقن بلڪه يونين ڪائونسلز ۾ به مقرر ڪيو ويوآھي. پر اهي بيروزگار نوجوان جيڪي سٺين ڊگرين هوندي به بيروزگاري کان بيزار هئا انهن کي جڏهن عزت وارو روزگار مليو ته سڀني ته نه پر ڪافي اميدوارن کي ذاتي پسند يا ڳوٺ جو اسڪول نه ملڻ سبب خوشي بدران ارمان هو ۽ وٺ وٺان ۾ لڳل نظر آيا ته بدلي ڪيئن ڪرائجي؟ ڪڏهن ڪڏهن ڀانئبو آھي ته تعليم کاتي جو ڪشمير کان به وڏو مسئلو بدلي ۽ پنهنجي پسند جي اسٽيشن تي مقرري هوندو آھي، پوءِ اتي ڀل ته ڪا خالي جاءِ نه به کڻي هجي. اهو مرض اسڪولن ۾ ته آھي پر ڪاليجن ۾ پڻ ڪافي حد تائين موجود آھي. شڪر ٿيو جو يونيورسٽيون ان مصيبت کان آجيون آھن.

مقرري ۽ بدلي لاءِ ڪمزور قانوني ضرورتون ۽ معيار مقرر ته آھن پر انهن تي ڪير به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. عام طرح ائين ئي هوندو هو ته پرائمري استاد سڄي تعلقي ۾ ڪٿي به مقرر ٿي سگهيو ٿي. ( هاڻي ته اهو معيار مورڳو يونين ڪائونسل تائين محدود ٿيندو پيو وڃي) ايچ ايس ٽي يا هاءِ اسڪول جو استاد سڄي ضلعي جي حد ۾ مقرر ۽ بدلي ٿي سگهي ٿو. ڪنهن خالي جاءِ ھجڻ جي صورت ۾ هر سطح تي اها معمول جي ڳالهه سمجهڻ گھرجي ته جنهن به ملازم کي جيترو پنهنجي گهر ، پاڙي يا شھر جي ويجهو مقرر ڪبو، اوترو ذھني طرح آسودو رهي ڪارڪردگي به بهتر ڏيکاريندو پر اهو قطعن لازمي به ناهي هوندو.

 ساڳي ساهمي مطابق ڪاليج جي استاد جي مقرري اٿندي ئي گزيٽيڊ گريڊ 17 ۾ ٿئي ٿي، ان ڪري سندس مقرري ۽ بدلي جي حد سڄو صوبو هوندو آھي. پر افسوس جو ڪو به ان بنيادي اصول کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي. ٻيو ته ٺھيو مٿئين گريڊ 18، 19، 20 ۾ پروموشن کان پوءِ به ” اباڻا ڪک“ ڇڏڻ لاءِ ڪو به تيار نٿو ٿئي. رهندو اهڙي مقرري تي سرڪار ۽ سندس ئي سهڪاري تنظيم تي مڇرجي وڃي ٿو ۽ محسوس ڪرائي ٿو ڄڻ ته ساڻس وڏي بي انصافي ٿي ھجي. اهو لقاءُ ويجهڙائي ۾ ٿيل پروموشنن کان پوءِ به ڏسڻ ۾ آيو. مقرري جو بنيادي ۽ منطقي معيار اهو آھي ته لاڳاپيل ڪاليج ۾ منظور ٿيل  Schedule of New Expenditure    يا SNE   مطابق واسطيدار گريڊ جي جاءِ خالي هجڻ گھرجي. ٻي ڳالهه، جنهن جي پرواھ نه سرڪار سڳوري ڪري ٿي نه استاد سڳورا  ئي ڪاڻ ڪڍن ٿا، اها آھي لاڳاپيل مضمون جو استاد، جنهن جي ان ڪاليج ۾ کوٽ آھي ته ان مضمون ۾ ئي نئين مقرري ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارا شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل آھن، نڪي ايمپلائمنٽ ايڪسچينج آھن نه ئي فيسيليٽيشن مرڪز آھن، جيڪي  هزارن ۽ لکن ۾ پگهار کڻندڙ ملازمن کي سهولت فراهم ڪن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي چند وڏن ڪاليجن ۾ مقرر ايس اين اي کان وڌيڪ استاد مقرر ٿي سگهارن سيڪريٽرين کان ڪڏهن به  هٽي نه سگهيا. جڏهن ته ننڍن علائقن جا ۽ نوان قائم ٿيل ڪاليج اسٽاف کا وانجهيل رهن ٿا. انهي روش جو نتيجو آھي ته ڪجهه ڪاليجن ۾ شاگردن جو تعداد نه هجڻ جي برابر آھي. سينٽرلائيزڊ ايڊميشن سبب، سو به خاص ڪري ڪراچي ۾، اهڙن نڌڻڪن ڪاليجن ۾ ٿورا شاگرد مجبوري ۾ داخل ٿي وڃن ٿا پر اتي استادن ۽ سهولتن جي شديد اڻاٺ سبب نتيجا اهڙا ئي اچن ٿا جهڙا ويجهڙائي ۾ انٽرميڊئٽ بورڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿيا آھن.

صفا ائين به ڪونهي ته ان طرح جي ٻه اکيائي ۽ زيادتي جا ذميوار صرف ڪاليجي استاد آھن. ائين به ٿئي ٿو ته ڊيپارٽمينٽ جي دفترن ۾ ويٺل ڪمائو پٽ ۽ بابو لوڪ ڄاڻي ٻجھي پنهنجو ملهه موصول ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي ڪنهن کي اهڙي کڏ ۾ اڇلائيندا هجن جنهن جو ڪو سِرو نه پاند هوندو ته جيئن ڌڪا کائي موٽي اچي ڊيل ڪري. اها مشڪل گهڙي صرف انهن سيکڙاٽن تي ايندي آھي جيڪي مينهن وُٺي کان پوءِ رِلي ڪلهي تي رکندا آھن. مستقبل تي نظر رکندڙ دورانديش Pre launch booking  يعني، جڏهن پروپوزل ٺھي رهيا هوندا آھن ان مرحلي تي پنهنجو کانچو، ڏنو پٽ ڇٽي جي وهنوار تحت فٽ ڪري ايندا آھن. اها ڪرت فيلڊ آفيس جا واٺا ۽ هيڊآفيس جا ٺيڪيدار هڪٻئي جي سهڪار سان ڪندا آھن. ڪنهن جي هروڀرو ڏورانهين مقرري ڪنهن انتقام تحت به ٿي سگهي ٿي. اهو انتقام ڪنهن آفيسر جو، ڪنهن ڀائيبند جو، ڪنهن وڏيري جو، ڪنهن تنظيمي ڏاڍي مڙس جو به ٿي سگهي ٿو. تسليم ڪرڻ گھرجي ته بدلي سزا به ناهي ۽ ڪو ظلم به ڪونهي. اسان جا سرڪاري استاد هميشه جنهن ٻي جستجو ۾  جنبيل رهندا آھن سا آھي تڪڙي پروموشن، جنهن لاءِ ھڙتالون ڪبيون، مظاهرا ڪبا، تالابندي ڪبي، ڌرڻا هڻبا ۽ پوليس جي لٺبازي ۽ واٽر ڪينن برداشت ڪري جيل به وڃبو پر ان جي نتيجي ۾ مليل ترقي کان پوءِ ٻئي شھر ۾ مقرري تي وري ڪو ٻيو احتجاج ڪبو. وڏن شھرن ۾ مقرر اڪثر سائنس جا استاد وڏي پيماني تي ٽيوشن سينٽرن ۾ پڙھائين ٿا، جتي سندن هڪ مقبوليت جو حلقو ٺھي ويندو آھي. بدلي جي صورت ۾ ٻئي هنڌ کانئن وڏن ”استادن“ جو اڳ ئي هولڊ ھوندو آھي، جنهن ڪري پير پڪا ڪرڻ جو مسئلو به درپيش ايندو آھي، ان ڪري بدلي کان گنجي جي پاڪي وانگر ڀڄندا آھن.

مسئلي جو حل ڇا آھي؟ تمام سولو حل آھي پر سچائي ۽ ايمانداري جي سخت ضرورت آھي. سختي سان طئي ڪجي ته ڪنهن به اداري ۾ ايس اين اي کان وڌيڪ ڪنهن هڪ ملازم کي به مقرر نه ڪيو ويندو، پوءِ ڀل ته اهي ”بيگمات“ هجن يا صاحبن جا خاص ماڻھو. هر ڪاليج ۾ مقرري لاڳاپيل مضمون ۾ موجود شاگرد ۽ ورڪ لوڊ مطابق سبجيڪٽ وائيز ڪئي وڃي. اسٽوڊنٽ- ٽيچر ريشو مقرر ڪرڻ وقت زميني حقيقتن ۽ عمليت پسندي کان ڪم ورتو وڃي. 11000 کان وڌيڪ ايس اين اي هوندي انگن اکرن مطابق صرف 7230 استاد ڪاليجن ۾ ڪم ڪن پيا، جيڪي گهربل انگ کان 4000 کن يعني 37 سيڪڙو گهٽ آھن. انهن جي مقرري داخل شاگردن جي مضمونن (گروپ) جي روشني ۾ ڪئي وڃي نڪي ضرورت هجي فزڪس جي ۽ مقرري ٿئي جاگرافي يا فارسي واري استاد جي. سينٽرلائيزڊ داخلا پاليسي ڪراچي کان سواءِ صرف هڪ قسم جو ڍونگ آھي، ٻين هنڌن تي نه ايترا ڪاليج آھن نه ئي شاگردن کي سهولت ڏيڻ لاءِ واڌو آپشن. ٻھراڙين ۾ پري پري ۽ مشڪل فاصلا آھن انهن تي ڪراچي جي پس منظر ۾ تجويز ڪيل پاليسي لاڳو ڪرڻ صرف ڪم وڌائڻ ۽ ساڳي کڏ کوٽي وري پورڻ مترادف آھي. جيڪڏهن ان طرح جي شفاف پاليسي نه صرف جوڙيل هجي پر ان تي فرض سمجهي عمل به ڪندو رهجي ته ڪنهن فرد توڙي تنظيم کي جرئت ئي نه ٿيندي ته مداخلت ڪري. پر پوءِ جيڪڏهن ڪو حجت يا تڪڙ ڪري ته خود تنظيمي عهديدارن ۽ سندن جماعتي عهديدارن کي ياد رکڻ گھرجي ته هو خود Competent Authority  ۽ سرڪار ناهن پر زيردست سرڪاري ملازم آھن جن تي پڻ نظم وضبط جا ساڳيا قانون لاڳو ٿين ٿا. ۽ ها حڪومت پروموشن جي طئي ٿيل طريقه ڪار مطابق جيئن جيئن ڪا پوسٽ خالي ٿيندي وڃي ان تي ترقي ڏيندي رهي يا جيئن ئي نئين ايس اين اي منظور ٿئي ان مطابق نيون مقرريون ۽ پروموشن خود ڪار طريقي تحت ڪندي رهي ته جيئن بقايا يا Backlog  ۾ ڪم نه بچي. ان سان احتجاجن ۽ بي چيني جو بندوبست پڻ ٿي ويندو. ساڳئي وقت ڪاليجي استاد به ملڪ ۽ صوبي جي مالي حالتن کي سامهون رکي روز روز نون مطالبن کي بهانو بنائي تعليمي عمل ۽ سڪون کي برباد نه ڪن. پروموشن ۽ سروس اسٽرڪچر جي معقول، منطقي ۽ مالي طرح برداشت جوڳي ڪنهن فارمولي تي پاڻ ۾ متفق ٿي پوءِ مطالبا پيش ڪن. جيڪڏهن هر ڪو خود ساخته ليڊر ” انوکو لاڏلو“ بنجي پنهنجي پنهنجي چنڊ جو مطالبو ڪندو رهندو ته غريب سرڪار وٽ به قارون وارو خزانو ته  بالڪل به ناهي. جيتري تائين اصل مقصد يعني بهتر تعليم ڏيڻ کي آدرش طور ٻنهي طرفن کان —  حڪومت ۽ استاد —  تسليم نه ڪيو ويندو اوتري تائين اسان جو تعليمي نظام اهو ئي ڍڳو پير پيران جو شڪار رهندو.

انهن اصولن تي عمل ڪرڻ سان نه ته ڪو ڪاليج استادن کان خالي رهندو نه شاگرد استادن جي اڻ ھوند سبب پري جي ڪاليجن ۾ داخلائون وٺندا نه وري 38 ڪاليج هاڪاري نتيجن کان وانجهيل رهندا. تعليم کاتي وارن استادن جا به صرف پروموشن ۽ بدلي مسئلا هجڻ نه گهرجن. ادارن ۾ الاهي سنگين مسئلا سندن توجه ۽ محنت جا منتظر آھن. ”اور ڀي غم هين زماني ۾ محبت ڪي سوا“