ڇا جاگيرداري نظام وارو جن بوتل ۾ بند نٿو ٿي سگهي؟

0
167
ڪنور جي ڪسڻ تي سڀ کان وڌيڪ سورهيه بادشاهه سوڳوار ٿيو هو!

 جاگيرداري جهان ۽ جنتا جي جوڙ جڪ پنج هزار سال پراڻي چئي پئي وڃي هن نظام جو سرجيندڙ ۽ سرپئنچ سموري سلسلي جو شهنشاهه گگميش هو جنهن ساڍا ستاويهه سئو ورهيه قبل مسيح وچ عراق، فرات ۽ دجله واري وچ تي هي ڏاڍ ۽ ڏنگائي وارو نظام قائم ڪيو ۽ روڊن رستن ۽ واهن جي ويڪرائي ۽ کوٽائي ۾ خلق جي کل خوار ڪري جبري پورهيو ڪرائي استحصال جي ابتدا ڪئي. جنهن کي پوءِ آريا سماج وارا سنگتي ننڍي کنڊ ۾ کڻي آيا ۽ جمنا ۽ گنگا ندي تي هن نظام جي گناهه لاءِ نوان گس گهڙيا ۽ ڪل جڳ کي ڪيترن ئي ڪلاسن ۾ تبديل ڪري پبلڪ جي پگهر وهائڻ ۽ پاپي پورهئي جي پلاننگ ڪئي ۽ سماج کي مذهبي متڀيد ۽ اوچ نيچ واري اورچ ڪمن ۾ نپوڙي، نهوڙي، نيستو ڪري نفرت جو هائبرڊ ٻج هاري ويش کي نيچ جاويس پارائي ٻارين ٻچين ٻني ٻاري ۽ اناج اپائڻ ۽ ڪمائڻ ۽ امراءَ جي گهر ويٺي کائڻ ۽ مؤج ميلا مچائڻ جي منصوبابندي ڪئي جنهن هن نظام کي مچائي متارو ڪرڻ ۾ مغل مهندارن مور ڪين گهٽايو. اڪبراعظم پوري ملڪ ۾ زرعي پيداوار لاءِ منصب داري نظام رائج ڪيو جنهن ۾ ملان، مدرس، پير، پنڊت، پينو، پٽيل سرپئنچ ۽ سردارن کي زرعي ايراضي سان سرفراز ڪيو.

جنهن نظام جي نحوست کي نمايان ڪري سگهارو ۽ جٽادار بڻائڻ لاءِ انگريز حاڪمن مغلن جي منصب داري نظام جي ئي بنياد تي جاگيرداري جون جڙون مزيد مضبوط ڪيون. مغلن جي ايام ڪاري ۾ هن نظام خلاف ڪي تحريڪون به هليون ۽ تاءُ به پکڙيو جنهن کي طاقت ذريعي دٻائڻ جي ترڪيب اختيار ڪئي ويئي. هن نظام کي سڀ کان وڌيڪ سگهاري انداز ۾ “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو ڏيئي حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري اڄ کان ساڍا چار سئو سال اڳ سن 1718ع ۾ ڍل ۽ آبياني جي عدم ادائگي جو اعلان ڪري ، چئلينج ڪري مغلن جي بادشاهي ۾ بغاوت جو علم بلند ڪيو. جنهن جنگ ۾ مغل اشرافيه سان محاذ آرائي ۾ پاڻ سندس پنجويهه هزار پوئلڳن سميت شهيد ٿي تاريخ ۾ امرتا جي منزل ماڻي. هن نظام خلاف فرانس ۾ هزارين هارين هلچل مچائي زمين بوس ڪرڻ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪيو ۽ ساڳي طرح جرمني ۾ جڙون کوکليون ڪيون ويون مگر بدقسمتي سان ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي نوآبادياتي ۽ بيٺڪي راڄ بيواجين جي بازار گرم ڪري هن نظام کي نئين آب ۽ تاب سان رائج ڪيو ۽ پوري هندستان ۾ 565 راڄواڙن ۽ رياستن جي انگ کان علاوه هزارن ۾ هيڪانديون زمينداريون ۽ جاگيرون قائم ڪيون.

سنڌ ۾ برطانيه جي بيٺڪي راڄ جو آغاز 1843ع ۾ سنڌ تي قبضي سان ٿيو ۽ سن 1844ع ۾ سر چارلس نيپيئر هتان جي وڏ وڏيرن کي هدايت ڪئي ته انگريز گورنر کي 24 مئي تي سلام ڪرڻ لاءِ پهچن ۽ وفاداري جو عزم ورجائي پيچ پختا ڪري پروان حاصل ڪن. هسٽري آف سر جنرل چارلس نيپيئر موجب ان اعلان تحت 20 هزار وڏيرن حيدرآباد ۾ حاضر ٿي سلام ۽ ڪلام ڪري وفاداري جو وچن ورجايو جنهن موجب فقط حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ 170000 ايڪڙ ايراضي کين بطور جاگير عطا ڪئي ويئي ۽ ان کان سواءِ 1901ع ۾ سنڌ جي عوام کي ڪچلڻ لاءِ اعليٰ عملدارن ۽ عسڪري ادارن جي اهلڪارن ۽ وفادار جاگيردارن کي 5 لک ايڪڙ زرعي زمين ڏني وئي. نامور انگريز بلاگر ۽ براڊ ڪاسٽر اون بينٽ جون جي تصنيف The Bhutto dynasty مطابق انگريزن وفاداري عيوض دودا خان ڀٽو کي لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ اڍائي لک ايڪڙ زمين بطور جاگير ڏني جڏهن ته پهرين درجي جي 14 جاگيردارن ۽ مختلف قبيلن جي سردارن کي انگريزن ججهيون جاگيرون ڏنيون جن ۾ گهڻا بلوچ هئا جن ۾ سڀ کان وڏو غيبي خان چانڊيو هو، جنهن کي 148024 ايڪڙ ايراضي بطور انعام ڏني وئي. (واضح رهي ته لاڙڪاڻي جي هڪ روينيو عملدار مونکي آگاهي ڏني ته چانڊيي سردارن کي جملي 999999 ايڪڙ ايراضي بطور جاگير مليل آهي؟ جيڪب آباد ۾ 44 جاگيردارن کي في فرد 2384 ايڪڙ جي حساب سان ڪل 104896 ايڪڙ ايراضي الاٽ ڪئي وئي آهي. (ص 17) اهڙي ريت اهو انگ مجموعي طور تي 2024895 ويهه لک چوويهه هزار اٺ سئو 95 ٿئي ٿو.

اسان جو ملڪ هڪ زرعي رياست جو درجو رکي ٿو. جتي 65 سيڪڙو آبادي جو انحصار زراعت تي آهي. آبپاشي جي نون منصوبن ۽ نهري نظام جي نواڻ بعد ملڪ جي زرعي ايراضي جو انگ ممتاز محقق ڊاڪٽر عائشه صديقه جي ڪتاب Military in corporated موجب 73670000 ايڪڙ آهي جنهن جو 12 سيڪڙو 8840400  ايڪڙ ايراضي عسڪري ادارن سندن آفيسرن ۽ اهلڪارن جي دسترس ۾ آهي جڏهن ته سنڌ جي زرعي ۽ ڪمرشل ايراضي جو 27 سيڪڙو سندن هٿ ۾ آهي. جنهن ۾دفاعي ادارن کان علاوه سول ايويئيشن ادارن کانسواءِ تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم جا متاثرين به شامل آهن. واضح رهي ته منگلا ڊيم مان هڪ ڦڙو به پاڻي سنڌ کي نٿو ڏنو وڃي ۽ سمورو پاڻي پنجاب جي ڪتب ۾ اچي ٿو. پر هن ڊيم جي متاثرين کي ايراضي سنڌ ۾ ڏني وئي آهي. سنڌ جي ٽي عدد بئراجن جي ريڻي ڪئنال سميت ڪل پندرنهن ڪئنالن جي ڪمانڊ ايريا 13700300 هڪ ڪروڙ ستٽيهه لک ٽي سئو ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن مان مٿي ذڪر ڪيل ادارن ۽ ماڻهن ڏانهن ويل ايراضي جو انگ 36 لک ايڪڙ بيهي ٿو ۽ باقي بچيل ايراضي هڪ ڀاڱي ٻه حصو 5 سيڪڙو جاگيردارن ۽ زميندارن جو حصو 70 لک ايڪڙ ٿئي ٿو ۽ باقي 30 لک ايڪڙ ايراضي ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي حصي ۾ اچي ٿي.

ورهاڱي بعد هندستان ۾ ڪانگريس پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ان سندس مينيفيسٽو موجب هڪدم هڪ ٺهراءُ پاس ڪري جاگيرداري نظام ختم ڪري جاگيردارن کي ڏنل سموريون زمينون واپس وٺي حقداري هارين ۾ ورهائي ڇڏيون. ان جي ابتڙ پاڪستان جي قيام ۾ سرگرم مسلم ليگ ۾ جاگيردارن ۽ زميندارن کي ڪليدي درجو حاصل هو. جنهن ڪري جاگيرون ۽ زمينداريون ختم ڪرڻ کان پاڪستان جي مسلم ليگي حڪومت ڪني ڪترائڻ لڳي. مگر سر راجر ٽامس جي هاري انڪوائري ڪميٽي ۽ نوابشاهه جي ڪليڪٽر مسعود کدر پوش جي کري ۽ خطرناڪ نوٽ پوري ملڪ ۾ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري حڪومت مجبور ٿي 1950ع ۾ ملڪ ۾ زرعي اصلاحات agricultural reforms لاڳو ڪرڻ جي قرارداد  منظور ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ ليگ حڪومت فوري  طور تي ان قرارداد تي عمل  ڪيو ۽ 1951ع ۾ نور الامين جي وزارت هڪ قانون منظور ڪري تمام وڏيون جاگيرون ختم ڪري ڇڏيون. ان قانون موجب ڪنهن به خاندان کي 30 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکڻ جي اجازت نه هئي.

ان کان علاوه 24 جنوري 1959ع ۾ ايوب خان اقتدار تي قابض ٿيڻ دوران زرعي ريفارمس جو آرڊيننس جاري ڪيو جنهن موجب 500 ايڪڙ نهري ۽ 1000 ايڪڙ باراني زمين جي حد مقرر ڪئي وئي. ايوب خان جي زرعي اصلاحات جو اطلاق 73 لک 78 هزار 49 ايڪڙ ايراضي تي ٿيو هو ليڪن بدقسمتي سان فقط 23 لک 52 هزار 716 ايڪڙ ايراضي ئي جاگيردارن کان حاصل ٿي سگهي ليڪن ان واپس ڪيل ايراضي مان 57 سيڪڙو يعني ساڍا تيرنهن لک ايڪڙ بنجر ۽ غيرآباد هئي. وڌيڪ ستم ظريفي اها ٿي ته ان زمين عيوض 1959ع ۾ 4 ڪروڙ رپيا جاگيردارن ۽ زميندارن کي معاوضي طور ڏنا ويا جيڪا رقم اڄ جي اگهه موجب اربن ۾ ٿئي ٿي. ايوب خان جي اقتدار جي خاتمي بعد پهرين مارچ 1972ع تي صدر پاڪستان جي عهدي ماڻڻ دوران جناب ذوالفقار علي ڀٽو  زرعي سڌارن جو نفاذ ڪيو  ۽ ان ڪم لاءِ ڀٽو صاحب ڪميشن Land reform commission شيخ رشيد احمد مرحوم جي چيئرمين شپ ۾ قائم ڪئي جنهن ذريعي زميندارن لاءِ زمين جي حد 150 ايڪر نهري ۽ 300 ايڪڙ باراني مقرر ڪئي. مذڪوره زرعي اصلاحات تحت مجموعي طور تي 7 هزار 333 جاگيردارن کان 28 لک 20 هزار ايڪڙ ايراضي واپس ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو ويو. مگر حقيقي معنيٰ ۾ 5 لک 80 هزار 499 ايڪڙ ايراضي حاصل ٿي سگهي. مگر ڀٽو صاحب جي اصلاحات تي عمل ان ڪري رڪجي ويو جو 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق ڀٽو حڪومت جو تختو الٽو ڪري پاڻ اقتدار تي قابض ٿي ويو ۽ 1980ع ۾ اٺين آئيني ترميم تحت شريعت ڪورٽ جو نفاذ عمل ۾ آندو ويو جنهن ذريعي زرعي اصلاحات کي الٽو غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار ڏئي بيشتر زمين ئي جاگيردارن ۽ زميندارن کي واپس ڪئي ويئي. اهڙي ريت جاگيرداري نظام واري مڙدي ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ سبب اهو نظام ڀرپور نموني سان ملڪ جي معيشت ۽ سياست تي مڙهجي سندس رڳن ۾ رچي ويو جنهن کي پوءِ جنرل پرويز مشرف جي 8 سالن جي آمريت اڃا وڌيڪ هن نظام جي غلاظت ۽ گندگي کي گورننس جو حصو بڻايو. جنهن سبب نئين سري سان جاگيردار جنتا جي جوڙجڪ کي نوان گس ۽ پيچرا مهيا ڪري هن پريوار جي پرورش ڪئي وئي ۽ سوڪالڊ ناظمي واري نظام ذريعي ان اڀار جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ناظم 500 ايڪڙ ايراضي مان وڌي 45000 ايڪڙ ايراضي جو مالڪ ٿي ويو ۽ ان ايراضي جي آبادڪاري لاءِ 2 عدد عمديون نهرون کوٽائي نهال ٿيو.