ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو شهر جي ڀرسان ڳوٺ خميسو منگريو جي ڍاڻي کينسر روڊ تي پلاٽن جي هلندڙ  تڪرار تان منگريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو رٽائرڊ استاد عمر منگريو فوت ٿي ويو، سامهون ڌر منگل منگريو جي جو سومار پٽ منگل منگريو زخمي ٿي پيو، فوتي جو مڙھ ڇاڇرو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ زخمي نوجوان کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ٻي پاسي فوت ٿيل رٽائرڊ استاد عمر منگريو جي نوجوان پٽ نورو عرف نور محمد منگريو ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر منگل منگريو واري سان پلاٽ جو تڪرار هلندڙ آهي، منگل منگريو ۽ ٻن پٽن سومار ۽ لال محمد ۽ ٻين منهنجي والد کي ڌڪ هڻي بيهوش ڪيو اسان اسپتال کڻائي آياسين جتي فوت ٿي ويو، منهنجي والد سان جهيڙو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جو پراڻو تڪرار پلاٽ جو هلندڙ آهي، جهيڙي دوران هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي، موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي، الزام هيٺ آيل ڌر منگل منگريو جا 2 ڄڻا منگل منگريو ۽ هن جي پٽ لال محمد کي گرفتار ڪيا آهن، وڌيڪ پوري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون،جڏهن آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس وغيرهه داخل ٿي نه سگهيو.