ڇاڇرو:  مدرسي جي معصوم شاگرد تي مولوي جو تشدد، وڊيو وائرل

0
221
معصوم شاگرد تي مولوي جو تشدد
ڇاڇرو:  مدرسي جي معصوم شاگرد تي مولوي جو تشدد، وڊيو وائرل

ڇاڇرو :ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڌاڪڻيون ۾ مدرسي جي 9 سال جي شاگرد کي مولوي تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو.

شاگرد جي والدين الزام هڻندي چيو ته مولوي عبدالحليم راهمون نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي. تشدد جي شڪار نينگر حاجي ولد قادر بخش راهمون چيو ته شاگردن پاران هڪٻئي سان منهن ماري ڪرڻ تان مون تي تشدد ڪيو ويو آهي.

وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي نينگر کي مولوي پاران وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد ٻه ڏينهن مدرسي جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو اڄ ڇوڪرو وجهه وٺي مدرسي مان نڪري گهر پهتو آهي،  مولوي جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.