چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ ويجهو اڳوڻي ضلع ناظم شڪارپور جي مڇي جي تلائن تان 2 چوڪيدار اغوا، ڌاڙيلن مغوي نوجوانن جي فون نمبرن تان وارثن کي ميسيج ڪري ايس ايس پي شڪارپور کان سندن گرفتار ڪيل ماڻھو آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وارثن ۽ پوليس پيرا کنيا. خبر موجب مسافر ڳوٺ ۽ ڏھر لوپ بند ڀرسان اڳوڻي ضلع ناظم شڪارپور عارف مهر جي مڇي جي تلائن تان ڌاڙيل ٻن چوڪيدارن سيري ڳوٺ واسي عبدالمجيد مهر ۽ ڳوٺ بٺڙ واسي جاويد ميراڻي کي اغوا ڪري ويا، ڌاڙيلن اغوا ٿيل نوجوانن جي موبائيل فون نمبرن تان ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو لاءِ ميسيج ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي مغوي زنده واپس گهرجن ته پوليس پاران گرفتار ڪيل سندن ساٿي ۽ مائٽ آزاد ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ مغوين جي نقصان جو ذميوار ايس ايس پي شڪارپور هوندو، ٻنهي مغوي نوجوانن جي نمبرن تان اهڙا ميسيج اچڻ بعد سندن وارثن ڳولا ڪئي ته هو مڇي جي تلائن تي موجود نه هئا، اطلاع تي چڪ پوليس ۽ مغوين جي وارثن ڌاڙيلن جا پيرا کنيا، جيڪي ڪوٽ شاهو ٿاڻي سامهون ڪچي واري علائقي ۾ گم ٿي ويا.