سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته چيٽ جي بي ٽي انسانن جهڙي ذهانت تي ٻڌل تورنگ ٽيسٽ پاس ڪرڻ واري پهرين آرٽيفيشل انٽليجنس چيٽ بوٽ بڻجي ويو آهي.اهو ٽيسٽ ڪمپيوٽر ماهر ايلن تورنگ تجويز ڪيو هو، جنهن موجب ڪنهن به اي آءِ ٽيڪنالاجي کي انهي وقت حقيقي طور تي ذهين تصور ڪري سگهجي ٿو، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ماڻهو اهو ٻڌائڻ کان قاصر هجن ته اهي ڪنهن انسان سان ڳالهائي رهيا آهن يا مشين سان.ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته چيٽ جي بي ٽي 4 کي تحريري ڳالهه ٻولهه ذريعي سڃاڻڻ انسان لاءِ گهڻو مشڪل هوندو آهي.
تورنگ ٽيسٽ ڇا آهي؟

انهي ٽيسٽ کي 1950ع ۾ برطانيا سان واسطو رکندڙ ماهر ايلن تورنگ متعارف ڪرايو هو. هن اڳڪٿي ڪئي هئي ته هڪ ڏينهن ڪمپيوٽر جي اهليت انساني ذهانت جيتري ٿي ويندي، انڪري هن هڪ ٽيسٽ تجويز ڪئي هئي ته جنهن مان سڃاڻپ ڪري سگهبي ته ڪمپيوٽر انساني ذهانت جيترو قابل ٿيو آهي يا نه ؟