بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) اسان سڀني کي پنهنجي پسنديدهه صوفي تي ويهي ٽي وي تي پنهنجو پسنديدا شو، فلم يا گيم ڏسڻ پسند آهي پر چين ۾ هڪ ٻارڙي ان طريقي ۾ انوکو انداز اختيار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب چين سان واسطو رکندڙ 8 ورهين جي ٻارڙي جي ڪمري جي ڇت تائين وڃي ڀت سان چنبڙي ويهي ٽي وي ڏسڻ جون وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن، گھڻا ماڻهو ان ٻارڙي کي حقيقي زندگي جي ”اسپائيڊر گرل“ قرار ڏئي رهيا آهن. هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار وڊيو تي تبصرو ڪندي لکيو ته اهو ٻارڙيءَ جو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي جنهن تي امڪاني طور تي اسپائيڊر مين جو ڪردار نڀائيندڙ آمريڪي اداڪار ٽوبي ميگوئير کي فخر ٿيندو. وڊيو ۾ ڇوڪري کي ٽي وي جو رموٽ هٿ ۾ کڻي سولائي سان ڀت سان چنبڙي ويهندي ڏسي سگھجي ٿو. ان ڪارنامي کي ٻارڙيءَ جي ماءُ گھر ۾ لڳل ڪيمرائن ذريعي دريافت ڪيو.