لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ بابت ڀارتي ميڊيا جي آءِ سي سي بورڊ آف ميمبر سان گفتگو جي حوالي سان رپورٽ سامهون آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ پهرين مارچ 2025 تي لاهور ۾ کيڏي ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جون سموريون ميچون لاهور ۾ شيڊيولڊ آهن. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول منظوري لاءِ آءِ سي سي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، پاڪستان جي شيئر ڪيل شيڊيول کي اڃا تائين ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ منظوري ناهي ڏني، سيڪيورٽي ۽ لاجسٽڪل مسئلن سبب ڀارت سموريون ميچون لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي. ميگا ايونٽ جي ڄاڻايل شيڊيول ۾ گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن، گروپ بي ۾ انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ افغانستان کي رکيو ويو آهي. چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان نوَ مارچ تائين جي تاريخ تجويز ڪئي وئي آهي، ڏهه مارچ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ريزرو ڊي طور رکيو ويو آهي.