دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول ايندڙ هفتي آءِ سي سي ٻين ملڪن جي بورڊز سان شيئر ڪندو. ٽورنامينٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت حڪومت جي اجازت سان مشروط آهي، ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ جا پي سي بي کي سٺا اشارا ملي رهيا آهن. ڀارت طرفان هيل تائين ڪنهن باظابطا پليٽ فارم تي پاڪستان نه اچڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته ٻين ملڪن جون ٽيمون پاڪستان اچي سيريز کيڏي چڪيون آهن. ٻيا ملڪ پاڪستان ۾ شيڊيولڊ موجب چيمپيئنز ٽرافي جي انعقاد جا خواهشمند آهن، پي سي بي ڪجهه هفتا اڳ شيڊيول منظوري لاءِ آءِ سي سي ڏانهن اُماڻيو هو. ميگا ايونٽ لاءِ پاڪستان ۾ اسٽيڊيمز جي اَپ گريڊيشن جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، آءِ سي سي جا مختلف وفد پاڪستان اچي انتظامن جو جائزو وٺي چڪا آهن ذريعن موجب، آءِ سي سي پي سي بي جي شيڊيول ۾ ڦيرڦار ناهي ڪئي، آءِ سي سي شيڊيول ٻين ست ملڪن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. چيمپيئنز ٽرافي ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون حصو وٺنديون. ٽورنامينٽ 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو، فائنل کانسواءِ ڀارتي ٽيم جون ميچون لاهور ۾ رکيون ويون آهن.