لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان سٺيون خبرون آهن، ايونٽ جون سڀ ميچز پاڪستان ۾ ئي ٿينديون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڀارتي ٽيم جي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت تي اڃا ڪجهه نه چوندس پر سٺي خبر ئي هوندي. هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ٽنهي اسٽيڊيمز جي اپ گريديشن مڪمل ڪرڻي آهي، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽڪيٽن جي ڪوٽا نه هوندي، پي سي بي وارن کي چيو آهي ته ٽڪٽن تي ماڻهو اوهان کي تنگ ڪندا، ٽڪيتون وڪڻي پي سي بي جو روينيو وڌائينداسين. محسن قنوي موجب آءِ سي سي ورلڊ ڪ دوران پي سي بي افيشلز کي رڳو 4 ٽڪيٽون مليون هيون، مفت ٽڪيٽن جو رواج ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪ، ڀارت سيريز لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا مان به سٺا آپشنز آهن، پاڪ ڀارت سيريز جي حوالي سان به سٺيون خبرون آهن.