اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ايندڙ هفتي لاءِ ججز روسٽر جاري ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي موجب ايندڙ هفتي لاءِ هڪ ٽي رڪني بينچ، جڏهن ٻي ٻه رڪني بينچ جوڙي وئي آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ جوڙي وئي آهي. ٻي بينچ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر، جڏهن ته ٽئين بينچ جسٽس جمال خان مندو خيل ۽ جسٽس عائشا ملڪ تي ٻڌل هوندي.