نئين دهلي(دلچسپ نيوز) چيتو گهر ۾ داخل ٿي پالتو ڪتو کڻي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ هڪ انوکي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ خونخوار چيتو اوچتو هڪ گهر جي لوهي دروازي مٿان ٽپي اندر داخل ٿئي ٿو ۽ حملو ڪري اڱڻ تي گهمندڙ پالتو ڪتي کي کڻي وڃي ٿو. وڊيو کي هزارين ماڻهو ڏسي پسند ڪري چڪا آهن.