چوٽياريون (ن پ ا) فنڪشنل ليگ اڳواڻن چيو آهي ته پ پ وارا انتقامي ڪارروايون ڪري رهيا آھن، ڪارڪنن تي ڪوڙو چوري جو الزام هڻي ھراسان ڪيو پيو وڃي، هتي سيد سلام شاهه، مشتاق شاھ ۽ نور احمد ملاح چيو ته پ پ اميدوار ڪامران ملاح جي والد فوڊ  انسپيڪٽر محمد بخش ملاح فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن نور احمد ملاح، عالم ملاح، غلام مصطفيٰ ملاح، ھوت ملاح ۽ در محمد ملاح خلاف جنريٽر چوري جي ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي آهي، هنن چيو ته پوليس پ پ وارن جي چڻ تي اسان جي ورڪرن کي هراسان ڪري رهي آھي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي،