اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبليءَ جي تڪ 165 جي تڪبنديءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اليڪشن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس منصور علي شاھه رمارڪس ڏنا ته اسان جو آخري حڪم اھو آھي ته چونڊ شيڊول کان پھريان ٿيل تڪبندين تي اليڪشن ٿيندي. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 165 جي تڪ بندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاھه جي سربراھيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي، ڊي جي لا ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته تڪبنديون اليڪشن شيدول کان اڳ نوٽيفاءِ ٿي چڪيون آھن، جسٽس منصور علي شاھه رمارڪس ڏيندي چيو ته نوٽيفڪيشن 13 ڊسمبر تائين برقرار رکيو  ويو آھي. اسان ھن ڪيس ۾ ھن وقت ڪجهه نٿا ڪري سگھيون. چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان اڳ ٿيل تڪبندين تي ئي عام چونڊيون ٿينديون، اسان هينئر ڪجهه نٿا ڪري سگهون، اين اي 165 جي تڪ بندين کي (ن) ليگ جي اميدوار سعود مجيد عدالت ۾ چئلينج ڪيو ھو.