اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پاڻي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ايندڙ هفتي کان چونڊ سڌارن جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته چنڊ سڌارا ڪجهه بجيٽ کان پهرين ۽ ڪجهه بجيٽ کان پيش  نه ڪيا ويندا، چونڊن سڌارن کان سواءِ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ 7 مهينا  گهريا آهن، آڪٽوبر  ۽ نومبر تائين چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جو فيصلو اڃا نه ٿيو آهي، هن چيو ته عمران خان تحريڪ حڪومت خلاف نه رياست خلاف هلائي رهيو آهي، ، پنجاب ۾ حمزه شهباز وٽ 4 ووٽ پي ٽي آءِ کان وڌيڪ آهن، چونڊ سڌارن جو عمل ايندڙ سومر کان شروع ڪيو ويندو.