چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ۾ايف آءِ اي اهلڪارن تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد 7 جوابدارن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور جي عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. ارشاد علي آرادين، نصر الله ڳنڀير، لطف علي پنھيار، اصغر پنھيار، احسان ڀنڀرو، مٺل ملاح، ايڊووڪيٽ ارشاد حسين ڌاريجو ۽ ايڊووڪيٽ سائٿ علي آرادين معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. عدالت سوراهه پوليس کي ڪيس جا ڪاغذ 6 مئي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي. واضح رهي ته ايف آءِ اي اهلڪارن چونڊڪو مان جعلسازي جي الزام ۾ پرائمري استاد محمد حسن ملاح کي گرفتار ڪيو هو، جوابدار اهلڪارن تي تشدد ڪرڻ بعد پرائمري استاد کي ڇڏرائي ورتو هو. ايف آءِ اي عملدار سوراهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو.