لاهور (م ڊ) اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جي ڀلائي ان ۾ ئي آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿين. پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته ملڪ جو نظام چونڊيل نمائندا هلائيندا، هر سياسي جماعت کي پنهنجي ميمبرن کي ووٽ جو حق ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي عدم استحڪام ۽ ملڪ جي معاشي بقا اسان لاءِ اصل چئلينج آهن، اسان کي معاشي صورتحال ۾ بهتري جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته ڀلي سياسي هجي يا مذهبي، ريڊ زون ۾ ڪنهن به گروهه کي داخلا جي اجازت ناهي، اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيل سڀني احتجاجين کي آزاد ڪيو ويو هو. هوڏانهن لاهور ۾ فيسٽيول ۾ خطاب ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان ۾ ليول پليئنگ فيلڊ صرف اشرافيه وٽ هر وقت هوندي آهي ورڪنگ ڪلاس وٽ ناهي هوندي، 8 فيبروري تي چونڊن جي ڏينهن ماڻهن جون قطارون لڳل هونديون.