لنڊن(دلچسپ نيوز) چنڊ بابت 10 حيران ڪندڙ حقيقتون سامهون آيون آهن اهو پنهنجي ئي مهور ۾ ڦرندو آهي.ان جو سدائين هڪ ئي حصو نظر ايندو آهي پر خلا مان ان جو ٻيو رخ به ڏسي سگهجي ٿو.چنڊ جي سطح حقيقت ۾ وساميل آهي ۽ ان جي ڪنهن به قسم جي روشني ناهي، چنڊ سج جي ڀيٽ ۾ 400 ڀيرا ننڍو آهي اهو سج جي ڀيٽ ۾ زمين کي 400 ڀيرا ويجهو آهي.چنڊ زمين کان هر سال لڳ ڀڳ 3.8 سينٽي ميٽر پري ٿيندو پيو وڃي، چنڊ تي ڪشش ثقل زمين جي ڀيٽ ۾ تمام ڪمزور يا زمين جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ آهي چنڊ تي هن وقت تائين چنڊ تي رڳو 12 ئي ماڻهو قدم رکي سگهيا آهن.چنڊ جي چوڌاري ڪو به حفاظتي تهه ناهي، چنڊ تي آڪسيجن ناهي، چنڊ جي گرمي پد ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڏٺي ويندي آهي زمين کان چنڊ سدائين گول نظر ايندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو ليمي وانگر انڊي جي صورت جهڙو آهي.