لکنئو(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ چاهيندڙ پنهنجي محبوبا جي شادي جي منڊپ ۾ ڊرامائي انداز ۾ داخل ٿي سندس سينڌ ۾ سنڌور وجهي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اتر پرديش جي علائقي گورک پر ۾ شادي جي تقريب ۾ ان وقت مانڌاڻ مچي ويو جڏهن هڪ ڪنوار جو چاهيندڙ عين ان وقت اسٽيج تي پهچي ويو جڏهن گهٽ ڪنوار کي شادي جو هار پارائڻ وارو ئي هو.
هن ڪنوار جي سينڌ ۾ زوري سنڌور ڀريو ڪنوار اسٽيج تي ڪري پئي ۽ سندس مائٽ چاهيندڙ تي ڪڙڪي پيا ۽ کيس مارڪٽ ڪئي. ان ڌمچر ۾ اسٽيج به ٽٽي ويو. ان واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي ۽ صارفين ان تي دلچسپ تبصرا به ڪيا آهن. چاهيندڙ کي ڪافي وقت تائين سمجهائي واپس گهر اماڻيو ويو ۽ شادي جي رسم ٻئي ڏينهن مڪمل ڪئي وئي.