اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن کي خيمن، کاڌي پيتي جو سامان، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇردانيون ۽ صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ چئني صوبن لاءِ ڪوآرڊينيشن ۽ مانيٽرنگ ڪاميٽيون قائم ڪيون آهن، سنڌ صوبي لاءِ 8 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڻي مامرن جو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، واپار جو وفاقي وزير سيد نويد قمر، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت وفاقي وزير شازيه مري، انساني حقن جو وفاقي وزير رياض پيرزاده، جي يو آءِ سينيٽر مولانا غفور حيدري، زبير عمر، سلمان خان ۽ مولانا راشد محمود سومرو شامل آهن، بلوچستان لاءِ 12 رڪني قائم ڪاميٽي ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، هائوسنگ جو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، آغا حسن بلوچ، ڊاڪٽر عبدالمالڪ،  اسلم ڀوتاڻي، خالد مگسي ۽ ٻيا شامل آهن، خيبر پختونخوا لاءِ 9 رڪني ڪاميٽي ۾ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، طلحا محمود، مرتضيٰ جاويد عباسي، مولانا اسعد محمود، فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻيا شامل، پنجاب صوبي لاءِ قائم 6 رڪني ڪاميٽي ۾ مرتضيٰ محمود، عبدالرحمان ڪانجو، سردار اويس احمد خان لغاري ۽ ٻيا شامل آهن.