ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ۾ گٽر نالن ۽ روڊن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان ڏس ۾ شھرين لعل خان شر، شادي جٽ، معشوق علي، اصغر علي، محمد جمن ۽ ٻين چيو ته شھر جي غريب آباد، ميگھواڙ ۽ جٽ پاڙي سميت مختلف ڪالونين ۾ گٽر نالا اٿلڻ ڪري گندو پاڻي گهٽين ۾ بيٺل آھي، جنهن  ڪري اچ وڃ ۾ سخت ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٽائون ڪاميٽي انتظاميا وٽ دانهون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته گٽر نالن ۽ روڊن جي صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.