ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب لڳ حسين آباد اسٽاپ ويجھو ديھه 39 نصرت ڳوٺ سومار ميمڻ ۾ ست سالا ٻارڙي ريحانا ڌيءَ عبدالخالق بروھي کي جوابدار ڪريم خاصخيلي مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جڏھن ته ڳوٺاڻن جوابدار کي سوگهو ڪري ڄام صاحب پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پھچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن ٻارڙي کي ميڊيڪل لاءِ پي ايم سي اسپتال نواب شاھ نيو ويو، ٻارڙي جي مامي غلام رسول بروھي جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ٻارڙي جي پيءُ عبدالخالق ٻڌايو جوابدار اسان جي ڳوٺ ڀرسان مائٽن وٽ آيل ھو، جتي هن ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻايو.