ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشورو جي عدالت ٻاهران خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران هڪ ٻئي تي مڪن ۽ لتن جو وسڪارو ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪوٽڙي مان ڪجھه ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل رياض خاصخيلي واري معاملي تي عدالت ۾ سندس بازيابي لاء وارث ۽ گهرواري عدالت پهتا، عدالت ۾ بيان ڏين بعد واپسي تي ناري حميده خاصخيلي پاران مخالف ڌر تي اغوا جو الزام لڳائڻ واري بيان ڏيڻ تي سڄڻ خاصخيلي ناري کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو جنهن تي خاصخيلي برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ڌرين هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن بعد عدالت ۾ پوليس پهچي جهيڙي کي ٽاري ٻنهي ڌرين جي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪورٽ جي لاڪپ ۾ واڙي ڇڏيو.