ڀٽ شاھ (رپورٽ: رجب بوزدار )  حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 280 هين عرس مبارڪ لاءِ انتظام مڪمل، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري اڄ 14 صفر تي مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح ڪندو، پڄاڻي واري تقريبن ۾ سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شرڪت ڪندو، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سبب ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ عرس مبارڪ جون تقريبون ڀٽ جي نگريءَ ۾ منعقد ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي ڀٽ نگريءَ کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي، ضلعي انتظاميا مٽياري، پوليس، صحت، اوقاف ۽ بلدياتي ادارن پاران لطيف جي پانڌيئڙن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر سمورن کاتن کي لطيف جي پانڌيئڙن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ طبي سهولتون ڏيڻ توڙي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط رابطي جون هدايتون جاري ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي کي عرس مبارڪ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون منظور لغاري پڻ ڀٽ شاهه ۾ عرس مبارڪ جي انتظامن جي نگراني ڪندو.