ڀٽ شاھ ويجھو 2 ڀائر گم، ڪنڌڪوٽ پوليس پاران گرفتاري ظاھر

0
199
اوٻاوڙي مان مبينا

ڀٽ شاھ/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڀٽ شاهه ويجهو 2 ڀائر مبينا طور اغوا ٿي ويا، ٻڌايو ويو تھ قومي شاهراهه تي ٽن ڪارن ۾ سوار هٿياربند غلام رسول ۽ سانوڻ کي اغوا ڪري ويا، پوليس واقعي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، نوجوانن جي وارثن طرفان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏھن تھ ھاڻ ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ٻنھي ڀائرن جي گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آھي.