ڀٽ شاهه (ن پ ا) هارمونيم جو استاد پير بخش مڱڻهار طبعيت خراب ٿيڻ سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي، ثقافت کاتي سندس ڪا سار نه لڌي آهي، 45 سال فن کي ارپيندڙ استاد پير بخش مڱڻهار جو چوڻ هو ته دل ۽ گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا آهيان، هن وقت ڪنهن به سار نه لڌي آهي،  فنڪار اسان کان سواءِ ڪجهه به نه آهن، فرزانه بهار، فائزا علي، حنا ماروري، شمع ماروي ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار شاگرد آهن.سندس چوڻ هو ته ڀارت جي شهر دهلي ۽ جي پور ۾ فن جو مظاهرو ڪيو آهي ڀٽائي، قلندر ۽ سچل تي ڊيوٽي ڏني آهي سڀ رڪارڊ موجود آهي. هن وقت دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهيان گڙدا به ختم ٿي ويا آهن، غربت سبب علاج نه ٿو ڪرائي سگهان، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته  نوٽيس وٺي  مدد ڪئي وڃي.